ملڪ جي مختلف شھرن ۾ لوڊ شيڊنگ سبب ڪاروبار ۽ تعليمي سگرميون شديد متاثر آھن.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اعلانيل لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪن کان وڌي وئي آھي، شھر جي لوڊ شيڊنگ کان مستثنيٰ علائقن ۾ بھ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ جاري آھي.
ھوڏانھن پشاور ۾ لوڊ شيڊنگ 16 ڪلاڪن تائين پھچي وئي آھي جڏھن تھ ڪوئٽھ ۾ 4 کان 6 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان آھي، بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي جي بندش معمول بڻجي وئي آھي.
ليسڪو ذريعن موجب لاھور ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ نھ ٿي رھي آھي، شارٽ فال 100 ميگاواٽ تائين رھجي ويو آھي.
پنجاب جي ٻھراڙي ۽ ننڍا شھر 2 کان 3 ڪلاڪ جي لوڊ شيڊنگ کي منھن ڏئي رھيا آھن.