برطانيا ۾ رهندڙ ڏکڻ ايشيائي ميڪ اپ آرٽسٽ شيرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سينيئر اداڪاره بشريٰ انصاري کي ميڪ اپ ڪرڻ تمام گهڻو پسند آهي.
تازو هڪ انٽرويو دوران ميزبان جي سوال تي ته ڪهڙي پاڪستاني مشهور شخصيت تيار ٿيڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ وقت وٺي ٿي يا پنهنجي ميڪ اپ مان مڪمل طور مطمئن نه ٿيندي آهي، شيرين جواب ۾ بشريٰ انصاري جو نالو ورتو.
هن چيو ته بشريٰ انصاري کي تيار ٿيڻ ۽ ميڪ اپ ڪرائڻ تمام پسند آهي، ۽ اڪثر ائين محسوس ٿيندو آهي ته ميڪ اپ ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه وڌيڪ هجي ته اهو به لڳايو وڃي.
هن ماضي جو هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته اداڪاره بشريٰ انصاري هن کان اکين تي نگ (gem) لڳائڻ جو چيو. ان تي هن پڇيو ته ڇا توهان واقعي اهو ڪرڻ چاهيو ٿيون؟ پوءِ هن بشريٰ انصاري جي اکين تي نگ لڳايا، جنهن کانپوءِ هوءَ تمام خوبصورت لڳي رهي هئي.
ماڻهن به تبصرا ڪيا ۽ چيو ته انهن جو چهرو بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري جهڙو لڳي رهيو هو.