ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڏينھن جي وقت موسم گرم رھڻ جو امڪان آھي.
موسميات کاتي موجب اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رھڻ جو امڪان آھي.
اڄ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏھن تھ ھوا ۾ نمي جو تناسب 84 سيڪڙو آھي.
موسميات کاتي موجب ھن وقت شھر ۾ اولھھ کان 8 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ھوائون ھلي رھيون آھن.