سيوھڻ
سيوھڻ وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پنهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سيد عبدالله شاھ جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي ڳوٺ واھڙ پھتو وڏي وزير پنهنجي والد مرحوم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان لاءِ اھا وڏي ڪاميابيءَ جي ڳالھ آهي ته ايران ۽ آمريڪا گذريل 50سالن کان ھڪ ٻئي سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ھئا پر پاڪستان جي بھتر خارجہ پاليسين جي ڪري ٻنھي ملڪن پاڪستان مٿان ڀروسو ڪيو جنهن ڪري اڄ 50سالن کانپوءِ ٻنھي ملڪن اسلام آباد ۾ اچي ھڪ ٻئي سان ڳالھيون ڪيون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال ناهي اميد آهي ته پاڪستان جي ميزباني ھيٺ ٻئي ملڪ ھڪ ڀيرو ٻيھر امن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويندا تيل جي وڌندڙ اگھن بابت وڏي وزير چيو ته تيل عالمي منڊي ۾مھانگو ملي رھيو آھي جيڪڏھن حڪومت تيل جي قيمتن ۾لاٿ ڪندي ته ملڪ مٿان قرض اڃان به وڌي ويندو ۽ ھر شھري وڌيڪ قرضي بڻجي ويندو.