ميھڙ جي ڊگري ڪاليج جي احاطي مان نوجوان جو لاش مليو آھي، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
ڊگري ڪاليج جي اسپورٽس گرائونڊ لڳ اڻڄاتل نوجوان جو لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.
پوليس نوجوان جو مڙھ تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي
پوليس جو چوڻ آھي تہ نوجوان جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي، سندس موت جا ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد سامھون اچي سگھندا