ڪارنھن جي تھمت مڙھي عيد ڏھاڙي عورت کي قتل ڪري لاش لوڙھڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.
گُبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لالو خان بنگوار ۾ جوابدار سليم بنگوار پنهنجي گهرواري کي مبينا طور قتل ڪري لاش درياه ۾ لوڙھي ڇڏيو.
پوليس واقعي جي تصديق يا ترديد ناھي ڪئي، علائقي واسين جو چوڻ آھي تہ جوابدار زال کي قتل ڪري لاش لوڙھيو آھي پر پوليس تحرڪ ناھي ورتو