ڊبليو ٽي اين ڪراچي: رپورٽ: اسحاق سرڪي.: سنڌ جي گھرو کاتي عيدالفطر جي ٽنهي ڏينهن دوران صوبي ڀر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون آھن، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آھي تہ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي.
سنڌ جي گهرو وزير موجب عيد اجتماعن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ تفريحي هنڌن تي فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن ، مرڪزي مسجدن ۽ عيدگاهن تي اضافي نفري جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي، حساس ضلعن ۾ پوليس جي گڏيل گشت ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ رينڊم اسنيپ چيڪنگ جو دائرو وڌايو وڃي.
ضياءَ الحسن لنجار ھدايت ڪئي آھي تہ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي لڳاتار نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرز کي فعال رکيو وڃي ، هوائي فائرنگ، ون ويلنگ ۽ ٻين خطرناڪ حرڪتن تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي، ڀڃڪڙي تي فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
گھرو وزير موجب عيد جي موقعي تي شهري رش کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ پوليس لاءِ خاص پلان تيار ڪيو وڃي، شاپنگ سينٽرن، پارڪن، سامونڊي علائقن ۽ اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ اضافي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن
پارڪنگ جا منظم انتظام ڪيا وڃن ۽ غيرقانوني پارڪنگ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ، ٽريفڪ جام کان بچڻ لاءِ متبادل رستن جي نشاندهي ڪري شهرين کي بروقت آگاهي ڏني وڃي
ضياءَ الحسن لنجار پڌرائي ۾ ھدايت ڪئي تہ شهرين کي اپيل آهي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي بابت فوري طور ويجهي ٿاڻي يا پوليس هيلپ لائن 15 تي اطلاع ڏين، عيد جي ٽنهي ڏينهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ لاڳاپيل ادارن کي مڪمل الرٽ رهڻ ۽ پاڻ ۾ رابطو مؤثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.