ڪراچي ۾ پلاٽ تي قبضي جون دانھون ڪندڙ شڪارپور جي ڊاڪٽر جي نياڻي جي معاملي ۾ جاچ بعد ڊراپ سين سامھون آيو آھي، گھرو وزير ضياءَ الـحسن لنجار چيو آھي تہ ناري جنھن پلاٽ تي قبضي جا الزام ھڻي رھي ھئي، اُھو پلاٽ سندس ملڪيت نہ ھو، معاملو ڪرائي جو ھو.
ياد رھي تہ گذريل ڏينھن ڊاڪٽر وجي ڪمار جي پوٽي چاندني ڪماري پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو هو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کي جاچ جو حڪم ڏنو ھو.
ايس ايس پي ڏکڻ مهزور علي ايس ايڇ او ساحل کي معاملي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ جا حڪم ڏنو، جاچ ۾ پتو پيو تہ پلاٽ تي قبضي جا الزام بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آھن.
ايس ايس پي گھرو وزير کي رپورٽ پيش ڪئي، جنھن بعد ضياءَ الحسن لنجار پنھنجي پڌرائي ۾ واضح ڪيو تہ عورت جي احتجاج جو معاملو قبضي جو نه پر ڪرائيدارن جو تڪرار ھو.
گھرو وزير ۽ پوليس اختيارين عوام کي گذارش ڪئي آھي تـہ ڪنھن بہ معاملي تي وڊيو وائرل ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪئي وڃي، چاندني جو معاملو حل ٿي ويو آھي