ڪراچي رينج ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ڏوهاري عنصرن سان ڳٺ جوڙ جا الزام لڳڻ ۽ ڳجھي رپورٽ سامهون اچڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان سخت ايڪشن ورتو آهي۔
ڪياماڙي ضلعي جا 2 اي ايس آءِ ۽ 3 اهلڪار ضلع بدر ڪيا ويا آهن۔
ڪارروائي هيٺ آيلن ۾ اي ايس آءِ نثار احمد ۽ اي ايس آءِ محمد فاروق شامل آهن۔
هيڊ ڪانسٽيبل محمد خرم، ڪانسٽيبل راشد اسلام ۽ ظفر علي شاهه خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي۔
خراب ڪارڪردگي ۽ ساک رکندڙ اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واضح حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته ضلع بدر ڪيل آفيسر ۽ اهلڪار مستقبل ۾ ڪڏهن به ڪياماڙي ۾ مقرر نه ڪيا وڃن۔