ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب ٿيل تباهي تي پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظھر سخت ردعمل ڏنو آھي.
راجا اظھر پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ تنقيد ڪئي آھي تہ سڄي شهر ۾ برسات سبب زندگي جو نظام مفلوج ٿي ويو آهي، روڊ تلائن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، قيمتي انساني جانيون وڃائڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون
ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ شهري انتظاميا جي نااهلي چٽي طرح سامهون اچي وئي آهي، هر برسات ۾ ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو، شهر ۾ نيڪال جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، عوام کي بي يار و مددگار ڇڏيو ويو آهي.
سندس چوڻ آھي تہ ڪچي ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو تہ عيد ويجهو آهي پر حڪومت طرفان ڪو به رليف يا ايمرجنسي پلان نظر نٿو اچي، اڳواٽ وارننگ هوندي به قدم نه کڻڻ مجرمانه غفلت جي برابر آهي.
جاني نقصان تي پوائنٽ اسڪورنگ افسوسناڪ آھي: ڊپٽي ميئر ڪراچي
ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبداللہ مراد پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته برساتن کانپوءِ واري صورتحال ۽ انساني جاني نقصان تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ افسوسناڪ عمل آهي۔
هن چيو ته غير معمولي برساتن نه رڳو ڪراچي پر ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به مسئلا پيدا ڪيا آهن۔
سلمان مراد موجب بلدياتي ادارا، ڪي ايم سي ۽ ضلعي انتظاميا مڪمل طور سرگرم آهن، پاڻي نيڪال، روڊن جي بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيزي سان جاري آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ هنگامي بنيادن تي مشينري مقرر ڪئي وئي هئي۔
ڊپٽي ميئر قيمتي انساني جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر خاندانن سان گڏ بيٺا آهيون۔
هن ٻڌايو ته K-Electric سميت لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطو آهي ته جيئن بجلي جي بحالي جو عمل جلد مڪمل ٿي سگهي۔
سلمان مراد چيو ته عيد کان اڳ شهرين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔
ياد رھي تہ ڪراچي ۾ گذريل رات تيز ھوائن سان برسات سبب مختلف حادثن ۾ 20 کان وڌيڪ شھري فوت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ھئا، اڪثر واقعا ڀتيون، ڇتيون ۽ بجلي جا پول ڪرڻ سبب رپورٽ ٿيا ھئا.