ايران ڊگھي جنگ جي تياري ڪري رھيو آھي، پنھنجي 6 ھزار پراڻي تھذيب جي دفاع ڪنداسين: علي لاريجاني

فہرستِ مضامین

ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل علي لاريجاني چيو آهي تہ ايران ڊگهي جنگ جي تياري ڪري رھيو آهي ۽ پنهنجي 6 هزار سال پراڻي تهذيب جو دفاع ڪنداسين۔

دشمن کي غلط اندازو لڳائڻ جي سزا ڀوڳڻي پوندي، جيئن گذريل 3 سئو ورھين ۾ ٿيو، هن ڀيري بہ جنگ جي شروعات ايران طرفان نہ ڪئي وئي آهي۔

ٻئي پاسي ايران جي عبوري قيادت ڪائونسل جي ميمبر آيت الله علي رضا عرافي چيو آهي تہ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا غلط اندازن تي ٻڌل آهن۔

عبوري قيادت ڪائونسل جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرئين بيان ۾ هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف غلط، نامناسب ۽ غير منصفاڻو قدم کنيو آهي۔

آيت الله علي رضا عرافي وڌيڪ چيو تہ قيادت ڪائونسل مڪمل تياري ۽ چستي سان پنهنجا فرض انجام ڏيندي۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں