واشنگٽن(انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران سان جاري جنگ کي ’ننڍي ڳالهه‘ قرار ڏيڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڊيموڪريٽ سينيٽر ڪرس مرفي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ ’خطرناڪ حد تائين وهم جو شڪار‘ آهي.
سينيٽر ڪرس مرفي جو چوڻ آهي ته ايران سان جنگ دوران 18 آمريڪي مارجي چڪا آهن، آمريڪي فوجي اڏن کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو آهي ۽ ميزائلن جا ذخيرا به ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽجي ويا آهن.
ڪرس مرفي سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران خلاف جنگ کي معمولي قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي. سندس چوڻ موجب آمريڪا ۾ هارين جي ڏيوالپڻي جي شرح رڪارڊ سطح تي پهچي چڪي آهي، جڏهن ته خاندان 5 ڊالر في گيلن جي مهانگي پيٽرول خريد ڪرڻ سبب معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڊيموڪريٽ سينيٽر وڌيڪ چيو ته جنگ باوجود ايران اڳ کان وڌيڪ مضبوط نظر اچي رهيو آهي.
هن ٽرمپ جي ’ننڍي ڳالهه‘ واري تبصري تي طنز ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهي سڀ نقصان به ننڍي ڳالهه آهن ته پوءِ آمريڪي صدر خطرناڪ حد تائين وهم جو شڪار آهن.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي ايران خلاف جاري فوجي ڪارروائي کي ’ننڍي ڳالهه‘ قرار ڏنو هو.