بنون جي مروت ڪئنال روڊ تان ٻن ڀائر پوليس اھلڪارن جا لاش ھٿ

فہرستِ مضامین

بنون جي مروت ڪئنال روڊ تان ٻن ڀائر پوليس اھلڪارن جا لاش ھٿ آيا آھن.

مروت ڪئنال روڊ تان پوليس اھلڪار امجد ۽ حضرت جا لاش ھٿ آيا، اطلاع تي پوليس پھچي مڙھ اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس جو چوڻ آھي تہ گذريل ڏينھن ٽن ڀائرن کي مسجد ٻاھران اغوا ڪيو ويو ھو.

پوليس موجب اغوا ٿيل ٽن ڀائرن مان ٻن جا تشدد ٿيل لاش ھٿ آيا آھن.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ھڪ ڀاءُ اڃا بہ جوابدارن جي قبضي ۾ آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تہ اغوا ٿيل شخص جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں