ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ ڊليوري جا پئسا نہ ھئڻ تان تازو ڄاول ٻارڙو وڪرو ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي تي اغوا ۽ انساني اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
انھي حوالي سان ايس ايس پي ملير جو چوڻ آھي تہ ٻارڙي کي لاھور مان بازياب ڪرايو ويو آھي.
ٻارڙي جي پيءَ جي فرياد تي ٻار وڪرو ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي تي اغوا ۽ انساني اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪري ڪلينڪ سيل ڪئي وئي آھي.
فريادي سارنگ ٻڌايو آھي تہ آءُ محنت مزدوري ڪندو آھيان، منھنجي زال ماھين ڳورھاري ھئي، جيڪا مونکان ڪاوڙجي 3 مھينا اڳ پنھنجي والدين جي گھر ھلي وئي ھئي.
فريادي موجب 5 آڪٽوبر تي منھنجي سس کيس ڊليوري لاءِ زھريٰ ڪلينڪ ميمڻ ڳوٺ وٺي وئي، جنھن جو چيڪ اپ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر زھريٰ چيو تہ آپريشن ٿيندو، جنھن جي لاءِ اوھان پئسا جمع ڪرايو.
فريادي سارنگ ٻڌايو تہ سس ڊاڪٽر زھريٰ کي چيو تہ اسان غريب ماڻھو آھيون، علاج ۽ آپريشن لاءِ پئسا نہ آھن، جنھن تي ڊاڪٽر زھريٰ چيو تہ جيڪڏھن اوھان وٽ پئسا نہ آھن تہ مان ھڪ عورت کي سڃاڻان ٿي، جيڪا غريب ماڻھن جي مدد ڪندي آھي ۽ غريب ٻارن کي پاليندي آھي، توھان جي آپريشن جو خرچ بہ ادا ڪندي.
جنھن تي منھنجي زال ۽ سس حامي ڀري، ڊاڪٽر زھريٰ آپريشن ڪيو، شمع زال اعظم نالي عورت کي گھرايو ۽ ان جي سس ۽ زال سان ڳالھ ڪرائي، جنھن کانپوءِ شمع آپريشن جو ٽوٽل خرچ اسپتال ۾ جمع ڪرايو ۽ پيدائش کانپوءِ ٻار کي شمع جي حوالي ڪري ڇڏيو.
فريادي موجب شمع ٻار کي کڻي ھلي وئي، منھنجي سس پنھنجي ڌيءُ کي وٺي گھر وٺي آئي، ۽ اھا ڳالھ مونکي نہ ٻڌائي، مونکي مائٽن ذريعي خبر پئي تہ اوھان کي پٽ پيدا ٿيو، جيڪو شمع نالي عورت وٺي ھلي وئي آھي، مون جڏھن پنھنجي سس ۽ زال سان رابطو ڪيو تہ ھنن ڪو تسلي بخش جواب نہ ڏنو.
فرياد سارنگ موجب آءُ ميمڻ ڳوٺ زھريٰ اسپتال ويس ۽ معلومات ورتي، جتان شمع جو نمبر ھٿ ڪيو، ساڻس لاڳيتو رابطي جي ڪوشش ڪئي پر نمبر بند مليو، مونکي معلوم ٿيو آھي تہ شمع منھنجو ٻار ڪنھن کي پئسن عيوض ڏئي ڇڏيو آھي، تنھن ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.