ڪوڙيون ايف آءِآرز داخل ڪندڙ پوليس عملدار ٿي وڃن ھوشيار، ھاڻ ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو تہ پگھار مان ڏنڊ ڀرڻو پوندو، ڪراچي جي عدالت وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ايڊيشنل سيشن جج سينٽرل غلام مرتضيٰ ميتلو جي عدالت پاران ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو

سينٽرل پوليس پاران شھري فائزن حبيب عرف راجا، ريحان خان، سليم ۽ محمد آصف خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو

شھرين پاران 265 ڪي تحت ايف آءِ آر مان بري ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي

عدالت ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ شھرين خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ ايس پي، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ انويسٽيگيشن آفيسر تي اڍائي، اڍائي لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گھرو کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تہ ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪندڙ پوليس آفيسرن جي پگھار مان 30 ڏينھن اندر شھرين کي پئسا ادا ڪيا وڃن.

معزز عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آھي تہ حيرت ٿي تہ جاچ آفيسر اي ايس آءِ زبير انصاري اصل جوابدارن کي ڇڏي پھريان کان حراست ۾ ورتل ممتاز نالي جوابدار جي گرفتاري ظاھر ڪئي ۽ اُن جي بيان کي بنياد بڻائي فائزن، ريحان، سليم ۽ ٻين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو چالان جمع ڪرايو.

عدالت چيو تہ رڪارڊ مان واضح ٿيو تہ ڪيس بدنيتي، غفلت ۽ قانون جي غلط استعمال تي ٻڌل آھي، جڏھن ڪيس ڪوڙو ۽ بدنيتي تي ٻڌل ثابت ٿئي تہ نہ رڳو جوابدارن پر جاچ آفيسرز کي بہ جوابدھ ٿيڻ گھرجي.

عدالت چيو تہ انصاف ماضي جي زنجيرن ۾ قيد نٿو رھي سگھي، رياستي اھلڪار بدنيتي سان شھرين جي آزادي کسيندو تہ عدالت اُن نقصان جو ازالو ڪري سگھي ٿي، متاثر شخص کي انصاف ڏيڻ لاءِ فنڊز رياست نہ پر ذميوار عملدارن جي پگھار مان ڪٽوتي ڪري ڏنا ويندا

شھرين جي آزادي مقدس امانت آھي، جيڪڏھن رياستي ادارا بدنيتي سان ان کي پائمال ڪندا تہ اِھو رڳو قانوني نہ پر اخلاقي سانحو آھي، عدالت جو فرض آھي تہ ڪمزور لاءِ طاقت بڻجي بيھي.

عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي الزام ھيٺ آيل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں