ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو: موٽر سائيڪل سوار جوابدارن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان مارجي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 2 شھري مارجي ويا آھن، پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪري ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو.

پوليس موجب ناگن چورنگي وٽ واقعو پيش آيو، مارجي ويلن جي عمر 30 کان 35 سال ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آھي تہ واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا آھن، سي سي سي فٽيجز جي مدد سان شاھديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ڪرائيم سين تان بہ شاھديون گڏ ڪيون پيون وڃن

پوليس جو چوڻ آھي تہ مارجي ويلن ٻنھي نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا پيا وڃن، واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں