نامياري ليکڪ ۽ اديب جامي چانڊيو جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، مراد علي شاھ ۽ ٻين پاران ڏک جو اظھار

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي نامياري ليکڪ، اديب جامي چانڊيو جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، جامي چانڊيو پاران حيدرآباد جي خانگي اسپتال تي غفلت جو الزام لڳايو ويو آھي.

جامي چانڊيو جي امڙ جي طبعيت جي خرابي اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھئي، جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڪجھہ ڏينھن اڳ جامي چانڊيو سوشل ميڊيا تي پنھنجي والدہ جي علاج بابت حيدرآباد جي خانگي اسپتال تي تنقيد ڪندي الزام لڳايو ھو تہ اسپتال جي غفلت، بيماري جي غلط سڃاڻپ ۽ غير ذميوار رويي سندس امڙ جي حالت خراب ٿي آھي.

جامي چانڊيو لکيو تہ اسپتال جي غفلت سبب سندس امڙ معذور ٿي وئي آھي ۽ ڪيس خراب ٿيڻ ڪري کيس ڪراچي منتقل ڪرڻو پيو، جتي ڊاڪٽرن امڙ جي ساڄي ڄنگھ ڪٽڻ جو فيصلو ڪيو.

هن اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي امڙ جي علاج بابت حيدرآباد جي اسپتال جي لاپرواهي ۽ بيماري جي غلط سڃاڻپ خلاف عدالت جو دروازو کڙڪائيندو.

اديب جامي چانڊيو جي امڙ جي لاڏاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ سميت مخلتف علمي، ادبي، سماجي  ۽ سڄاڻ ڌرين پاران ساڻس تعزيت جو اظھار ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں