اسسٽنٽ ڪمشنر ردا زھرا ٽالپر سان ٺڳي، ھوٽل کي ڏھ نمبري قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: اسسٽنٽ ڪمشنر ردا زھرا ٽالپر انڪشاف ڪيو آھي تہ ھو ڪراچي جي ھڪ ريسٽورنٽ تي وئي، جتي بل تي 15 سيڪڙو جي ايس ٽي ٽئڪس ورتو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر ردا زھرا ٽالپر  سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تي پوسٽ شيئر ڪئي جنھن ۾ ھُن لکيو تہ

مون تازو ئي ڪراچي جي هڪ ريسٽورانٽ “10 نمبري” جو دورو ڪيو، جتي مون نوٽ ڪيو ته هو  15 سيڪڙو جي ايس ٽي (GST) چارج ڪري رهيا هئا. پر رسيد تي نه ته سنڌ ريونيو بورڊ۽ نه ئي  ايف بي آر جو ڪوڊ نمبر لکيو ھو

جڏهن مون اسٽاف کان پڇا ڪئي ته بغير ڪنهن قانوني رجسٽريشن جي هو ڪيئن GST وصول ڪري رهيا آهن؟، ته انهن وٽ ان بابت ڪو واضح جواب نه هو.

راد ٽالپر موجب اهو عمل شڪ پيدا ڪري ٿو ته ريسٽورنٽ ڪسٽمرز کان ٽيڪس وٺي رهيو آهيا،پر شايد ان کي حڪومت ڏانهن جمع نه پيا ڪرائينجيڪو قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ عوام سان زيادتي پڻ آھي.

ردا زھرا ٽالپر ايف بي آر ۽ سنڌ ريونيو بورڊ کان اپيل ڪئي تہ نوٽيس وٺن ۽ “10 نمبري” ريسٽورنٽ، ڪراچي جي ٽيڪس وصولي جي عمل جي جاچ ڪن.

ٽيڪس جي فراڊ سان نه رڳو حڪومت کي نقصان ٿيندو آهي پر عوام جو اعتماد به متاثر ٿيندو آهي. اميد ته هن معاملي تي جلد قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں