سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل احمد علي گبول سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري خلاف داخل ڪرايل درخواست واپس وٺي ڇڏي آھي، ڪامران ٽيسوري چيو آھي تہ ھو درخواست واپس وٺڻ تي احمد عيل گبول جو ٿورائتو آھي.
صدر آصف علي زرداري کي خط لکندڙ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ وڪيل احمد علي گبول سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو تہ ھو رڳو ايم ڪيو ايم نہ پر سڄي سنڌ جو گورنر آھي.
ھن چيو تہ احمد احمد علي گبول سندس خلاف پٽيشن داخل ڪئي هئي، درخواست ۾ چيو ويو ھو تہ گورنر ڪنھن ھڪ پارٽي جو نہ پر سڄي صوبو جو ھوندو آھي.
ھن چيو تہ گذريل ڏينھن احمد علي گبول گورنر هائوس آيو، کيس ٻڌايو تہ گورنر هائوس ۾ 50 هزار ٻار بغير ڪنهن فرق جي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن.
ھن چيو تہ گورنر شپ هڪ آئيني عهدو آهي ۽ سڀني لاءِ آهي، ھو پٽيشن واپس وٺڻ تي احمد علي گبول جو ٿورائتو آھي، وڪيل برادري ۽ ججن جو جا بہ ٿورا ۾مڃيان ٿو.
سندس چوڻ ھو تہ ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي واکاڻ ڪئي، ان جا تمام بھترين نتيجا سامھون ايندا.
ھن چيو تہ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بھتري ايندي، ان عمل سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.
وڪيل احمد علي گبول چيو تہ ھن پاڪستان جي شھري طور درخواست داخل ڪرائي ھئي، تہ گورنر ھائوس ۾ سياسي سرگرميون نہ ٿيڻ گھرجن.
ھن چيو تہ گورنر سنڌ خاطري ڪرائي تہ ھو يقيني بڻائيندو تہ گورنر ھائوس ۾ سياسي سرگرميون نہ ٿين.
سندس چوڻ ھو تہ جيڪڏھن گورنر ھائوس ۾ ڪنھن پارٽي جا ماڻھو ويٺل ھوندا تہ گورنر تي اثر پوندو.