سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقي لانڍي ڪورنگي مان 18 سيپٽمبر تي پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻارڙي جو گذريل رات ڪچرا ڪنڊي مان ٻوري بند لاش مليو ھو.
لانڍي پوليس موجب ٻارڙَي جي وارثن گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ھئي، ڳولا بعد لاش ڪچرا ڪنڊي مان مليو.
ٻارڙي جي پوسٽ مارٽم بعد پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيہ طارق ٻڌايو تہ ٻارڙَي سان بدفعلي جون شاھديون مليون آھن، سندس موت سر تي وزني شئي لڳڻ سبب ٿيو آھي.
ڊاڪٽر سمعيہ موجب ٻارڙي جي جسم جي مختلف حصن جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آھن، حتمي رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي تہ حقيقتون ڇا آھن.
ٻئي پاسي ٻارڙي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي