اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميوني ڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) جي چيئرمين کي عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، ميجر جنرل ريٽائرڊ حافظ حفيظ الرحمان عدالتي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل ريٽائرڊ حفيظ الرحمان کي عھدي تان ھٽائڻ لاءِ اسامہ خلجي نالي درخواستگذار جي درخواست تي 99 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو.
عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪماني ۾ پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل ريٽائرڊ حفيظ الرحمان کي عھدي تان ھٽائڻ جو فيصلو ٻڌائيندي ھدايت ڪئي تہ پي ٽي اي چيئرمين جي عبوري چارج اداري جي ڪنھن سينيئر ميمبر کي ڏني وڃي.
عدالت پنھنجي حڪماني ۾ وفاقي حڪومت کي شفاف عمل ذريعي پي ٽي اي جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو بہ حڪم ڏنو.
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پي ٽي اي چيئرمين کي فوري طور عھدي تي چارج ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ عدالتي فيصلي جي ڪاپي ڪابينا جي سيڪريٽري ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز کي موڪلڻ جي ھدايت ڪئي.
پي ٽي اي چيئرمين کي فوري عھدو ڇڏڻ جو حڪم
عدالت فيصلي ۾ لکيو تہ پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري قانون موجب نہ، ان ڪري کيس عھدي تان ھٽايو وڃي ٿو، جيستائين حڪومت نئون پي ٽي آءِ چيئرمين مقرر نٿي ڪري، تيستائين سينيئر ميمبر عارضي طور تي چيئرمين جون ذميواريون نڀائي.
جسٽس بابر ستار تي ٻڌل سنگل بينچ 15 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪندي پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري واري عمل جو رڪار ڊجمع ڪرائڻ چاھي ٿي تہ ڀلي ڪري، حڪومت اھو بہ ٻڌائي سگھي ٿي تہ پي ٽي اي ميمبرز مان چيئرمين جي چونڊ ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟
پي ٽي اي چيئرمين جي انٽرا ڪورٽ اپيل
پي ٽي اي چيئرمين اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاران کيس عھدي تان ھٽائڻ واري فيصلي خلاف آرڊيننس 1972 تحت اپيل داخل ڪرائي آھي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو تہ کيس مئي 2023 ۾ پي ٽي اي چيئرمين ۾ ميمبر ( انتطاميہ) ميمبر ڪيو ويو، جنھن بعد کيس مئي 2023 ۾ ترقي ڏئي چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
درخواستگذار حفيظ الرحمان موجب ھـُن پي ٽي اي چيئرمين طور قانون ۽ ضابطن تحت پنھنجيون ذميواريون انجام ڏنيون ۽ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل مقرري قانوني ثابت ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي آھي.درخواست ۾ عدالت کي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا بہ ڪئي وئي آھي.
پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري جو طريقيڪار؟
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي ) چيئرمين ھڪ اھم حڪومتي عھدو آھي، جنھن جي مقرري لاءِ خاص قانوني ۽ انتظامي طريقيڪار مقرر آھي، مقرري پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 تحت ڪئي ويندي آھي.
پي ٽي اي چيئرمين جو عھدو خالي ٿئي تہ حڪومت اشتھار جاري ڪندي، اشتھار عام طور تي اخبارن ۽ سرڪاري ويب سائيٽ تي ڏني ويندي، جنھن بعد اميدوارن کان درخواستون گھرائجن ٿيون.
مقرري لاءِ اھليت
پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري لاءِ اميدوار وٽ لاڳاپيل شعبي ٽيلي ڪميونيڪيشن، قانون، آءِ ٽي ۾ اعليٰ تعليم ۽ تجربي جي گھرج ھوندي آھي، عام طور تي گھٽ ۾ گھٽ 20 سالن جو تجربو، مئنيجمينٽ يا رھبري جو تجربو رکندڙ کي اھميت ڏني ويندي آھي.
انفارميشن اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت، ڪابينا ڊويزن يا لاڳاپيل وزارت عام طور تي اسڪروٽني ڪميٽي يا سليڪشن بورڊ جوڙي درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ۽ لاڳاپيل اميدوارن جا انٽرويو ڪندي، شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن مان حڪومت ھڪ جي چونڊ ڪندي.
چونڊيل اميدوار جو نالو وزيراعظم پاڪستان کي موڪليو ويندو، سندس منظوري بعد وزيراعظم صدر پاڪستان کي تجويز ڪندو، جنھن جي منظوري بعد پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.