صدر آصف علي زرداري چين جـَي ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوريشن جي ايئر ڪرافٽ ڪمپليڪس جو دورو ڪيو ۽ سي ٽين جھاز ٺاھيندڙ ڪمپلڪيس جو معائنو ڪيو آھي.
چين جي انجنيئرز ۽ سائنسدانن سان ملاقات، صدر کي جي ٽين، جي ايف سيونٽين ۽ جي ٽوئنٽي اسٽيليٿ فائٽرز بابت بريفنگ ڏني وئي
صدر آصف زرداري چين سان دفاعي سھڪار وڌائڻ جو عزم ورجائيندي چيو تہ جي ٽين ۽ جي ايف سيونٽين جھازن پاڪ فضائيہ کي مضبوط بڻايو، حق جي جنگ ۽ آپريشن بنيان المرصوص ۾ ھنن جھازن جي ڪارڪردگي نمايان رھي
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفہ ڀٽو زرداري بہ صدر سان گڏ ھئا، صدر آصف علي زرداري چين ۾ زلزلي جي وارننگ ڏيندڙ سسٽم سان ليس ھاءِ اسپيڊ ٽرين جو بہ دورو ڪيو