ايمان مزاري ڌيئرن وانگر آھي، رمارڪس تي طوفان برپا ڪيو ويو: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر چيو آھي تہ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري سندس ڌيئرن وانگر آھي، ھو چيف جسٽس ۽ وڏو ھئڻ ناتي کيس سمجھائي رھيو ھو، سندس ڳالھين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو ۽ ھڪ طوفان برپا ڪيو ويو.

ھڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر عدالتي ڪمري ۾ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري سان ٿيل ڏند چڪ بابت وضاحت ڪئي.

ھن چيو تھ ايمان مزاري منھنجي نياڻين وانگر آھي، ھو ڪالھھ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران کيس سمجھائي رھيو ھو، منھنجي فيصلن سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو پر ذات بابت نہ ٿو ڳالھائي سگھجي.

چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو تہ ھن ايمان مزاري کي پڪڙڻ لاءِ نہ چيو ھو، ان ڳالھ کي ڪالھ کان پکيڙيو پيو وڃي، ھادي صاحب بيٺل ھو، جنھن کي چيو تہ ھن کي پڪڙي وڃو، نہ تہ مان توھين عدالت جي ڪارروائي ڪندس، توھين عدالت جي ڪارروائي ٿي تہ ايمان جو ڪيريئر خراب ٿي ويندو.

جسٽس سرفراز ڊوگر وڌيڪ چيو تہ ايمان مزاري کي ٻارن وانگر سمجھايو پر ھوءَ سمجھي نہ رھي ھئي، بار بار بنيادي حقن جون ڳالھيون ڪري رھي ھئي، ڇا ھن ڪورٽ جا بنيادي حق نہ آھن؟

مامرو ڇا ھو؟

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري وچ ۾ خميس ڏھاڙي سماجي ڪارڪن ماھ رنگ بلوچ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران جملن جي ڏي وٺ ٿي ھئي.

ھڪ نجي ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب ٻڌڻيءَ دوران  جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ايمان مزاري کي مبينا طور کيس “ آمريت پسند” ڪوٺڻ تي توھين عدالت جي ڪارروائي جي تنبيہ ڪئي ھئي.

ھي مامرو جمعي ڏھاڙي بہ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران بحث ھيٺ رھيو، ان موقعي تي چيف جسٽس پنھنجي رمارڪس جي وضاحت ڪندي چيو تہ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري سندس ڌيئرن وانگر آھي، ھو چيف جسٽس ۽ وڏو ھئڻ ناتي کيس سمجھائي رھيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں