لائیو لاهور هاءِ ڪورٽ جو ڊيلي ويجز ملازمن بابت وڏو فيصلو

فہرستِ مضامین

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي ضلعي صحت اٿارٽيز جي اهل ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ورڪرز جو قانوني درجو ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران اهو درجو ڏيڻ کان انڪار وارا حڪم غيرقانوني قرار ڏنا ويا آهن.

جسٽس خالد اسحاق پنهنجي فيصلي ۾ ريمارڪس ڏنا ته هڪجهڙين حالتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن سان مختلف ورتاءُ آئين جي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿو.

عدالت محمد بلال رضا ۽ ٻين جي درخواستن سميت 26 آئيني درخواستون منظور ڪندي قرار ڏنو ته مستقل نوعيت جو ڪم ڪندڙ ۽ لڳاتار 9 مهينن کان وڌيڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اهل ملازم مستقل ورڪرز جو قانوني درجو حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مستقل ورڪر جو قانوني درجو حاصل ڪرڻ لاءِ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ضروري ناهي. ڪجهه ملازمن کي مستقل ورڪر قرار ڏيڻ ۽ ٻين کي ان حق کان محروم رکڻ امتيازي سلوڪ آهي.

عدالت موجب ملازمن کي زباني حڪمن ذريعي نوڪري مان فارغ ڪرڻ قانوني گهرجن موجب ناهي، ملازمت ختم ڪرڻ لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪرڻ ۽ سبب ڄاڻائڻ ضروري آهي. ڪنهن به منفي ڪارروائي کان اڳ ملازم کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو مناسب موقعو ڏيڻ به لازمي آهي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت جي 2021ع واري پاليسي جو اطلاق ضلعي صحت اٿارٽيز تي به ٿيندو. اهي ادارا خودمختيار هجڻ جي بنياد تي حڪومتي پاليسي لاڳو ڪرڻ کان انڪار نٿا ڪري سگهن. ملازمن کي بار بار 89 ڏينهن جي مقرري ڏيڻ سان مستقل نوعيت جي ڪم جي حقيقت تبديل نٿي ٿئي.

عدالت واضح ڪيو ته ملازم جي قانوني حيثيت جو تعين سندس مقرري جي نالي بدران ڪم جي نوعيت ۽ خدمتن جي مدي جي بنياد تي ڪيو ويندو. اسٽينڊنگ آرڊرز 1968ع تحت قانوني شرطون پوريون ڪندڙ ڊيٽا انٽري آپريٽرز، سينيٽري ورڪرز ۽ ٻين اهل ملازمن کي مستقل ورڪرز جا حق حاصل هوندا.

عدالتي فيصلي ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته مستقل ورڪر جو قانوني درجو ملڻ جو مطلب سول سرونٽ طور پاڻمرادو مستقل ٿيڻ ناهي، پر اهڙن ملازمن کي اسٽينڊنگ آرڊرز 1968ع تحت قانوني حق ۽ تحفظ حاصل هوندا.

عدالت لاڳاپيل اختيارين کي ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جو الڳ تعين ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان کان اڳ ملازمن کي ٻڌڻي جو مناسب موقعو ڏنو وڃي. رهتن ۽ معاوضي جي تعين دوران ”ڪم ناهي ته اجرت ناهي“ وارو اصول به نظر ۾ رکي سگهجي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں