لائیو آمريڪا سان معاهدي جي صورت ۾ آبنائي هرمز کي ٻن ڏينهن اندر بحال ڪري سگهجي ٿو: ايران

فہرستِ مضامین

ايران چيو آهي ته آمريڪا سان معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ آبنائي هرمز مان جهازن جي اچ وڃ ٻن ڏينهن اندر بحال ڪري سگهجي ٿي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آمريڪا سان ڳالهين جو بنياد ايران جو ستن نڪتن وارو منصوبو آهي، جنهن کي مختصر ڪيو ويو آهي ۽ اهو ٻن ڏينهن اندر عملدرآمد لاءِ تيار آهي.

هن واضح ڪيو ته جيستائين آمريڪا سامونڊي ناڪابندي ختم نٿو ڪري ۽ ايران جا جائز مطالبا تسليم نٿو ڪري، تيستائين نه ڪو معاهدو ٿيندو ۽ نه ئي آبنائي هرمز کي ٻيهر کوليو يا محفوظ بڻايو ويندو.

اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته ايران پاران پيش ڪيل منصوبو ئي واحد حقيقي ۽ قابلِ عمل تجويز آهي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي خط بابت هن چيو ته ان ۾ ڪا نئين تجويز شامل ناهي، جڏهن ته ڪنهن به اڻ سڌي رابطي لاءِ بنياد ايران جو ستن نڪتن وارو منصوبو ئي هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته خط سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي جي نالي موڪليو ويو آهي، تنهنڪري ان جو جواب ڏيڻ جو طريقو ۽ نوعيت طئي ڪرڻ جو اختيار به سندس ئي آهي.

واضح رهي ته آمريڪي اختيارين موجب جي ڊي وينس جي خط ۾ ايران سان ڳالهين جي بحالي ۽ دوائن سميت ڪجهه ضروري شين جي ايران درآمد ۾ سهولت ڏيڻ بابت تجويزون شامل آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں