لائیو پي ٽي آءِ ۾ چار ڌڙا، ڳالھين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: گورنر ڪي پي

فہرستِ مضامین

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو ڪو به سوال پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته پارٽي اندر ئي چار ڌڙا موجود آهن.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته کين جنهن به کاتي بابت بريفنگ ڏني وڃي ٿي ته هو حيران ٿي وڃن ٿا. شهر ۾ صفائي جو جيڪو ڪم هاڻي ٿي رهيو آهي، ڇا اهو اڳ نه ٿي پئي سگهيو؟ هن چيو ته اڳ ملازم پنهنجن گهرن ۾ ڪم ڪندا هئا يا گهر ويٺي پگهارون کڻندا هئا، پر هاڻي جيڪو ملازم گهر ويٺي پگهار وٺندو، ان کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ۽ جزا جو نظام لاڳو ٿيندو.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي چيئرمين، جنرل سيڪريٽري ۽ اسپيڪر کي نٿي مڃي، پوءِ اها اسان کي ڇا مڃيندي؟ پارٽي جا ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، کين ٻڌائڻ گهرجي ته سندن اصل فرنچائز ڪهڙي آهي.

گورنر ڪي پي وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں