لائیو حوثين تي ايران جي مدد سان جديد هٿيار حاصل ڪرڻ جو الزام، عدن ايئرپورٽ حملن جي مذمت جو مطالبو

فہرستِ مضامین

عدن جي عالمي هوائي اڏي تي هڪ ئي مهيني ۾ ڇهه حملا ٿيڻ جي دعويٰ، بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻائڻ سبب مسافرن ۽ عملي جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون، يمن سلامتي ڪائونسل کان حملن جي مذمت ۽ هٿيارن جي پابندي تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

يمن جي حڪومت حوثي انصارالله گروپ تي ايران جي مدد سان جديد هٿيار ۽ فوجي ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته عدن جي عالمي هوائي اڏي تي بار بار ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪئي وڃي ۽ شهري هوائي اڏن سميت عام شهرين جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

گڏيل قومن ۾ يمن جي مستقل نمائندي سفير عبدالله السعدي سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته حوثي جنگجو 28 آڪٽوبر تي عدن جي عالمي هوائي اڏي کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو. سندس دعويٰ موجب، هلندڙ مهيني دوران هوائي اڏي تي اهو ڇهون حملو هو.

يمني نمائندي موجب، انهن حملن سبب مسافرن ۽ هوائي اڏي جي عملي جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون، جڏهن ته ڪيترين ئي اڏامن کي پنهنجا مقرر ڪيل رستا تبديل ڪرڻا پيا.

عدن ايئرپورٽ تي حملن کي جنگي ڏوهه قرار

يمن جي حڪومت شهري هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙا حملا مسافرن، جهازن جي عملي ۽ هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي زندگين لاءِ سڌو خطرو آهن.

حڪومت جو موقف آهي ته شهري تنصيبات تي بار بار ٿيندڙ حملن بابت عالمي برادري کي رڳو ڳڻتي ۽ مذمت وارن بيانن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر حملن کي روڪڻ ۽ ذميوارن جو احتساب ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.

ايران جي مدد سان حوثين وٽ جديد هٿيار پهچڻ جو الزام

سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران يمن جي حڪومت خبردار ڪيو ته حوثي جنگجو اسمگلنگ نيٽ ورڪن ۽ ايران جي مدد سان جديد هٿيار ۽ فوجي ٽيڪنالاجي حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن سان گڏيل قومن پاران لاڳو ڪيل هٿيارن جي پابندين واري نظام کي سخت خطرو آهي.

يمني حڪومت ايران تي الزام لڳايو ته هو حوثي جنگجوئن کي فوجي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندن بيلسٽڪ ميزائلن، ڊرونز ۽ ڌماڪيدار مواد سان ڀريل ٻيڙين ذريعي حملا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿي آهي.

حڪومت موجب، حوثين جون اهي سرگرميون ڳاڙهي سمنڊ، باب المندب واري سامونڊي لنگهه ۽ خليج عدن ۾ سامونڊي آمدرفت لاءِ پڻ خطرو بڻجي رهيون آهن.

گڏيل قومن کان قرارداد 2216 تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو

يمن جي حڪومت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ پڻ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته يمن ۾ رياستي ادارن جي بحالي، سلامتي ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي.

حڪومت ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2216 سميت طئي ٿيل اصولن تي عملدرآمد کي ضروري قرار ڏنو آهي.

تعز شهر جي گهيري تي به ڳڻتي

يمني حڪومت ملڪ جي چئن ملين آبادي واري شهر تعز جي مسلسل گهيري تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

حڪومت خبردار ڪيو آهي ته شهر جي ڊگهي گهيري سبب سنگين انساني بحران پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن جا اثر عام شهرين تي پئجي رهيا آهن.

يمن جي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي، شهري آبادي جي تحفظ ۽ هٿيارن جي پابندي تي عملدرآمد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں