لائیو عورتن بابت ڪيپٽن (ر) صفدر جي تڪراري بيان تي تنقيد، مريم نواز جو به ردعمل سامهون اچي ويو

فہرستِ مضامین

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر عورتن بابت ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو، بيان کي نامناسب قرار ڏيندي مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. معاملي تي مريم نواز به خاموشي ٽوڙيندي پنهنجي ردعمل ۾ بيان کي دل ڏکوئيندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب، ڪيپٽن (ر) صفدر گذريل ڏينهن پنجاب جي ضلعي چنيوٽ جي علائقي چناب نگر ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عورتن بابت ڪجهه اهڙا ريمارڪس ڏنا، جن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان اعتراض واريا ويا.

پنهنجي خطاب دوران ڪيپٽن (ر) صفدر هڪ عورت طرفان موڪليل مبينا پيغام جو ذڪر ڪندي چيو ته کيس رات جو هڪ عورت جو پيغام مليو، جنهن ۾ سندس سڃاڻپ بابت سوال ڪيو ويو هو.

هن پنهنجي خطاب ۾ عورت جي جسم ۽ بيمارين بابت به اهڙا جملا استعمال ڪيا، جن کي سوشل ميڊيا تي نامناسب قرار ڏيندي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

مريم نواز جو بيان تي ردعمل

ان معاملي تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ذريعي ردعمل ظاهر ڪيو.

مريم نواز پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اها هڪ اهڙي خاموش جنگ آهي، جيڪا هڪ عورت ۽ زال بند دروازن پٺيان وڙهندي آهي. کيس ان وقت به همت سان ڪم وٺڻو پوندو آهي، جڏهن کيس محسوس ٿيندو آهي ته هوءَ اندر ئي اندر ٽٽي رهي آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته ڪجهه جنگيون خاموشيءَ سان وڙهيون وينديون آهن ۽ ڪجهه زخم اهڙا هوندا آهن، جيڪي نظر ناهن ايندا.

مريم نواز پنهنجي پوسٽ ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر جي بيان کي دل ڏکوئيندڙ قرار ڏنو، جڏهن ته سندس ردعمل کانپوءِ به اهو معاملو سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں