لائیو ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس وصولي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، 156 ارب رپين جي کوٽ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ جي ٽيڪس وصولين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو فرق سامهون اچي ويو، فيڊرل بورڊ آف روينيو آڪٽوبر 2026ع لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس هدف پورو نه ڪري سگهيو، مقرر ڪيل ھڪ هزار 131 ارب رپين جي مقابلي ۾ هن وقت تائين رڳو 975 ارب رپيا گڏ ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب 156 ارب رپين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آڪٽوبر 2026ع دوران ٽيڪس وصولين جو مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. ايف بي آر کي هلندڙ مهيني دوران ھڪ هزار 131 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو هدف ڏنو ويو هو، پر هن وقت تائين 975 ارب رپيا گڏ ٿي سگهيا آهن.

ان حساب سان ٽيڪس وصولين ۾ 156 ارب رپين جي کوٽ سامهون آئي آهي، جنهن سبب مقرر ڪيل ماهوار هدف حاصل ڪرڻ بابت خدشا وڌي ويا آهن.

وڌيڪ 40 ارب رپيا گڏ ٿيڻ جي اميد

ايف بي آر اختيارين کي اميد آهي ته ڇنڇر ڏينهن مخصوص ٽيڪس آفيسون ۽ بئنڪ برانچون کليل رهڻ سبب وڌيڪ 40 ارب رپيا وصول ٿي سگهندا.

اختيارين جي ان اميد باوجود اندازو آهي ته آڪٽوبر جي ٽيڪس وصولي هدف ۾ لڳ ڀڳ 116 ارب رپين جي کوٽ برقرار رهندي.

اهڙي ريت وڌيڪ وصولين باوجود ايف بي آر آڪٽوبر لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس هدف کان پوئتي رهڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں