لائیو ڪراچي ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهي، جيڪا ڪنهن کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏجي، سنڌ اسان لاءِ ماءُ آهي: وڪيل اڳواڻ

فہرستِ مضامین

ڪراچي  (بيورو رپورٽ): سنڌ جي ورهاڱي خلاف وڪيل اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي، لاڙڪاڻي بار ايسوسيئيشن جي صدر جاويد بليدي، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر جهانگير راهوجو، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر مقصود بٽر، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالحسيب جمالي ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خطاب ڪيو.

لاڙڪاڻي بار ايسوسيئيشن جي صدر جاويد بليدي چيو ته ڪراچي ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهي، جو ڪنهن کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏجي، سنڌ جي ورهاڱي تي ڳالهائڻ ئي نٿا سمجهون. هن چيو ته ٻين لاءِ سنڌ رڳو زمين هوندي، پر اسان لاءِ سنڌ ماءُ آهي، سنڌ اول، سنڌ آخر.

جاويد بليدي چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، ترقي جي نالي تي عدليه کي غير فعال ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به جج حڪومت خلاف فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به انتهائي خراب آهي.

هن چيو ته ملڪ کي سڌارڻ لاءِ صوبن کي نه پر نظام کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن جي ڪا حيثيت ناهي. هن چيو ته عمران خان ٽن سالن کان جيل ۾ آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ بنيادي حقن جي ڪهڙي صورتحال آهي.

سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر جهانگير راهوجو ڪي پي جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءَ وقت تحريڪ انصاف جا ميمبر واڪ آئوٽ ڇو ويا؟ تحريڪ انصاف کي سنڌ سان گڏ بيهڻ گهرجي، ايجنسين سان نه.

هن چيو ته جيڪڏهن آبادي وڌڻ جي بنياد تي نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ آبادي جي بنياد تي ملڪ به ٺاهيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ورهائڻ واري ڪنهن به آئين کي تسليم نه ٿا ڪريون، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ملڪ خلاف عالمي سازش جو حصو آهي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر مقصود بٽر چيو ته صوبن جي ورهاست رڳو سنڌ جي تقسيم جو معاملو ناهي، پر ان جي پويان ملڪ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي سوچ آهي. هن چيو ته پارليامينٽ کي اختيارن کان محروم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جو واپار، زراعت، پارليامينٽ ۽ عدليه به متاثر ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته ماضي ۾ ووٽ کي عزت ڏيڻ جا نعرا هڻندڙ به سرينڊر ڪري چڪا آهن، جنهن سان عدليه ۽ بار جو وقار پڻ متاثر ٿيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالحسيب جمالي چيو ته ملڪ جو استحڪام سنڌ جي استحڪام سان جڙيل آهي. سنڌ سڀني کي محل، روزگار ۽ عزت ڏني، جنهن ۾ عزت ۽ غيرت آهي، اهو سنڌ جي ورهاڱي خلاف بيهندو.

عبدالحسيب جمالي چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن سان عدليه غير فعال ٿي وئي، جڏهن ته 28هين ترميم به عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته عدليه کي آزاد ڪري ڪرپشن جي خاتمي لاءِ احتساب ڪيو وڃي، نون صوبن جي ڪا ضرورت ناهي، عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وڪيل حق جي ڳالهه ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندا.

تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ اسيمبلي عوام جي حقيقي نمائنده ناهي. هن وضاحت ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءَ واري ڏينهن تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز بائيڪاٽ نه ڪيو هو، پر اهي ان ڏينهن اسيمبلي ۾ موجود ئي نه هئا.

حليم عادل شيخ چيو ته صدر علوي چولستان واري سمري تي صحيح نه ڪئي هئي، جڏهن ته موجوده صدر اها منظوري ڏني. هن چيو ته وڪيلن ۽ عوام کي عدليه جي آزادي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته سنڌ جي عوام جنهن بهادري ۽ همت سان عزت ڏني، ان کي سلام پيش ڪريان ٿو. سنڌ جو عوام غيرتمند آهي، پر مٿس بي غيرت حڪمران مڙهيل آهن.

سهيل آفريدي چيو ته هڪ طرف بلاول ڀٽو آجيان ڪري ٿو ته ٻئي طرف رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي، ان جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۽ ٻيون اسيمبليون عوام جون نمائنده آهن ته پوءِ سنڌ جي ورهاڱي خلاف اسيمبلي مان استعيفائون ڏنيون وڃن ۽ روڊن تي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي.

هن چيو ته ٻين صوبن بابت موقف پارٽي پاليسي تحت پيش ٿيندو، پر سنڌ جي ورهاڱي خلاف مان سنڌ جي عوام سان گڏ بيهندس. سنڌ لاءِ پهريون رت جو ڦڙو منهنجو به هوندو.

سهيل آفريدي حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪو نظام ئي ناهي، جعلي حڪمرانن استثنيٰ وٺي ڇڏيو آهي، قانون غريبن لاءِ آهي، جڏهن ته حڪمران پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. هن چيو ته حڪمران سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نٿا مڃن، عدليه جو وقار مسلسل گهٽجي رهيو آهي ۽ عوام جو اعتماد به ختم ٿي رهيو آهي.

هن ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته 27 سيپٽمبر تي ساٿ ڏيو ۽ ڪراچي بند ڪريو. سهيل آفريدي چيو ته هر ڀيري جابرن کي شڪست ڏيڻي آهي.

عمران خان بابت ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته عمران خان چاهي ته هڪ صحيح سان ملڪ جو وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ کان ٻاهر به وڃي سگهي ٿو، پر هو ظالم ۽ جعلي نظام آڏو نه ٿو جهڪي، نه ڪمپرومائز ڪري ٿو ۽ عوام لاءِ بيٺل آهي.

آخر ۾ سهيل آفريدي چيو ته سنڌ مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ 20 سالن تائين تحريڪ انصاف کان سنڌ ڪير به نه ڦري سگهندو، سنڌ تي عمران خان حڪومت ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں