لائیو 23 سالن بعد پاڪستان ۾ سيف گيمز، ڀارت به شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي

فہرستِ مضامین

لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ): پاڪستان 23 سالن کانپوءِ ٻيهر سيف گيمز (سائوٿ ايشين گيمز) جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ڀارت به اپريل 2027ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ راندين ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.

سائوٿ ايشين اولمپڪس ايسوسيئيشن جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڀارتي نمائندن شرڪت ڪئي، جنهن دوران ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيف گيمز ۾ شرڪت لاءِ مثبت جواب ڏنو.

پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل خالد محمود ڀارت پاران سيف گيمز ۾ شرڪت جي رضامندي جي تصديق ڪندي چيو ته ڀارتي نمائندن اجلاس دوران پاڪستان ۾ ٿيندڙ راندين ۾ شرڪت تي حامي ڀري آهي.

اپريل 2027ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيف گيمز جا مختلف مقابلا اسلام آباد ۾ منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ اسڪواش، ٽينس، مارشل آرٽس سميت 15 راندين جا مقابلا شامل هوندا.

پاڪستان پاران سيف گيمز جي ميزباني ۽ ڀارت پاران شرڪت جي رضامندي کي ڏکڻ ايشيا ۾ راندين جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں