لائیو پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر گرفتار، لاهور پوليس پاران 18 ڪيسن ۾ گهربل ۽ 3 سالن کان روپوش قرار

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر کي لاهور پوليس باقاعده گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس موجب حماد اظهر 18 ڪيسن ۾ گهربل ۽ لڳ ڀڳ 3 سالن کان روپوش هو.

حماد اظهر کي گذريل ڏينهن ملتان مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ لاهور پوليس اڄ سندس باضابطه گرفتاري ظاهر ڪئي آهي.

پوليس ترجمان موجب انويسٽيگيشن پوليس حماد اظهر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ حاصل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حماد اظهر کان ڪيسن بابت جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس موجب حماد اظهر لاهور ۾ داخل 18 ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ 2023ع کان روپوش هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں