رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ): سعودي عرب ۽ گڏيل قومن وچ ۾ هٿياربند تڪرارن دوران ٻارن جي تحفظ ۽ سندن حقن جي حفاظت لاءِ سهڪار ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ٿيون.
سعودي پرڏيهي وزارت جي قانوني معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل محمد الناصر، هٿياربند تڪرارن ۾ ٻارن بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نمائندي وينيسا فريزيئر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ هٿياربند تڪرارن دوران ٻارن جي تحفظ، سندن خلاف ٿيندڙ ڀڃڪڙين کي گهٽائڻ ۽ ٻارن جي سلامتي لاءِ موجود عالمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي ڌرين عالمي قانونن ۽ ضابطن موجب ٻارن جي حقن جي واڌاري ۽ سندن تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الاقوامي ڪوششن جي حمايت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي شاهه سلمان امدادي مرڪز جي نگران جنرل ڊاڪٽر عبدالله الربيعه پڻ وينيسا فريزيئر سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران انساني ۽ امدادي معاملن سميت گڏيل دلچسپي وارن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقات کانپوءِ وينيسا فريزيئر شاهه سلمان امدادي مرڪز جي مستقل نمائش جو دورو ڪيو، جتي کيس مرڪز جي مختلف امدادي منصوبن ۽ رضاڪاراڻي پروگرامن بابت آگاهي ڏني وئي.
نمائش ۾ پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي روزاني زندگي کي اجاگر ڪندڙ ورچوئل ريئلٽي سميت مختلف آڊيو ۽ وڊيو مواد پڻ موجود هو.
وينيسا فريزيئر مرڪز سان سهڪار ڪندڙ عالمي ادارن جي آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ انهن جي نمائندن کان گڏيل انساني ۽ امدادي منصوبن بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي.