ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا فضيله قاضي پنهنجي نالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ بيانن کي جعلي قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته انهن پوسٽن سان سندس ڪو به تعلق ناهي.
فضيله قاضي انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي سندس نالي سان مختلف پوسٽون شيئر ۽ ري شيئر ٿي رهيون آهن، پر انهن ۾ لکيل ڳالهين مان هن ڪجهه به ناهي چيو ۽ نه ئي لکيو آهي.
اداڪارا چيو ته ڪجهه غير حقيقي سوشل ميڊيا پيجز سندس تصوير سان گڏ غلط بيان شايع ڪري رهيا آهن، جنهن تي هوءَ قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿي.
فضيله قاضي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندس نالي سان جعلي پوسٽون فوري طور ختم نه ڪيون ويون ته لاڳاپيل سوشل ميڊيا پيجز کي قانوني نوٽيس جاري ڪيا ويندا.
هن چيو ته سوشل ميڊيا جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪنهن جي تصوير لڳائي ان سان ڪجهه به منسوب ڪيو وڃي. اداڪارا صارفين کي اپيل ڪئي ته سوشل ميڊيا تي موجود هر ڳالهه کي سچ نه سمجهن ۽ غير مستند مواد کي نظرانداز ڪن.
فضيله قاضي سوشل ميڊيا صارفين سان شڪايت ڪندي چيو ته هوءَ ڪيترن ئي سالن کان عوام جي سامهون آهي، تنهنڪري سندس نالي سان ڪنهن به ڳالهه تي يقين ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪرڻ گهرجي.