لائیو ميامي ۾ ڪارگو جهاز رن وي تان لهي گاڏين سان ٽڪرائجي ويو، 5 ڄڻا فوت

فہرستِ مضامین

ميامي (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪي شهر ميامي ۾ ڪارگو جهاز خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو، جتي جهاز رن وي تان لهي گاڏين سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

آمريڪي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ جهاز ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر بريگيڊ جون 60 گاڏيون امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.

حڪام جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ميامي ايئرپورٽ تان سموريون اڏامون عارضي طور روڪي ڇڏيون ويون.

آمريڪي ميڊيا موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪارگو جهاز پورٽو ريڪو کان ميامي پهتو هو. حادثي جي سببن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں