لائیو ايران جو آبنائي هرمز کان ٻاهر ’نو گو زون‘ قائم ڪرڻ جو اعلان، نئين ڪارروائي جو جواب وڌيڪ تيز ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو: باقر قالیباف

فہرستِ مضامین

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ دوران تهران وڌيڪ سخت قدمن جا اشارا ڏئي ڇڏيا آهن. ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي آبنائي هرمز کان ٻاهر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ’نو گو زون‘ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف خبردار ڪيو آهي ته ايران خلاف ڪنهن به نئين قدم جو جواب اڳ کان وڌيڪ تيز، شديد ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو.

آبنائي هرمز کان ٻاهر نو گو زون قائم ڪرڻ جو اعلان

محسن رضائي ايراني سرڪاري ٽيليويزن سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آبنائي هرمز کان ٻاهر هڪ ’نو گو زون‘ قائم ڪيو ويندو.

سندس موجب اهو علائقو آمريڪي بحري فوج طرفان قائم ڪيل ناڪابندي واري لائين کان شروع ٿيندو ۽ خليج جي ڪجهه حصن تائين پکڙيل هوندو.

محسن رضائي چيو ته نئين زون ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن به سامونڊي جهاز کي ايران جي ’پابندين واري فهرست‘ ۾ شامل ڪيو ويندو. تنهن هوندي به هن واضح نه ڪيو ته پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جهازن خلاف تهران طرفان ڪهڙا عملي قدم کنيا ويندا.

ايراني عهديدار وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آبنائي هرمز ’مڪمل طور بند‘ آهي ۽ هاڻي ايراني هٿياربند فوجن جي ڪنٽرول ۾ آهي.

آمريڪا جو موقف مختلف

ايران جي دعويٰ جي ابتڙ آمريڪا جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز مان تيل بردار جهازن جي آمدرفت جاري آهي.

آمريڪي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ موجب روزانو 90 لک بيرل کان وڌيڪ تيل آبنائي هرمز مان گذري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته متبادل سپلاءِ رستن ذريعي تيل جي منتقلي به وڌائي وئي آهي.

عام حالتن ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جي تيل ۽ مائع قدرتي گئس جي فراهمي هن اهم سامونڊي گذرگاهه مان ٿيندي آهي، تنهنڪري هتي بحري آمدرفت ۾ وڏي رڪاوٽ عالمي توانائي مارڪيٽ لاءِ سنگين اثر پيدا ڪري سگهي ٿي.

ٻئي طرف ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف آمريڪا کي سخت لهجي ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته هاڻي سڌي جواب ڏيڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ ’راند جا اصول‘ تبديل ٿي ويا آهن.

ايراني پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي قالیباف چيو ته ايران هن وقت هڪ ’همه گير جنگ‘ وڙهي رهيو آهي ۽ آمريڪي اڏن تي تازين ڪاررواين کانپوءِ مخالف ملڪن جا اڳواڻ مايوس ٿي ويا آهن.

هن دعويٰ ڪئي ته ايران طرفان جارح قوت جي اڏي تي تازو حملو صرف شروعات هئي.

قالیباف آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران جي مفادن ۽ سلامتي خلاف وڌيڪ ڪو قدم کنيو ويو ته ان جو جواب وڌيڪ تيز، وڌيڪ شديد ۽ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو.

ايران جا اهي سخت بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن واشنگٽن طرفان تهران تي دٻاءُ وڌائڻ، ان جي تيل جي برآمدات کي نشانو بڻائڻ ۽ بحري ناڪابندي بابت قدم کڻڻ جون رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن.

آبنائي هرمز جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جا متضاد دعوائون ۽ ايران جون نيون ڌمڪيون خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ سان گڏ عالمي توانائي جي فراهمي بابت خدشن کي پڻ وڌيڪ وڌائي رهيون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں