تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ دوران ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران پهريون ڀيرو آمريڪي سامونڊي جهاز خلاف پنهنجي تيار ڪيل اينٽي ڊسٽرائر ميزائل استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايراني دعويٰ تي سڌو سنئون ڪو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو.
محسن رضائي هڪ ٽي وي انٽرويو دوران چيو ته تقريباً 48 ڪلاڪ اڳ ايران پهريون ڀيرو آمريڪي سامونڊي جهاز خلاف ايراني اينٽي ڊسٽرائر ميزائل جو تجربو ڪيو. سندس دعويٰ موجب مخصوص ميزائل آمريڪي فوج لاءِ سخت صورتحال پيدا ڪئي ۽ آمريڪي سامونڊي جهاز کي پوئتي هٽڻو پيو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو سخت پيغام
ايراني دعويٰ تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان سڌو ردعمل سامهون نه آيو، تنهن هوندي به سينٽڪام گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ايڪس‘ تي هڪ بيان جاري ڪيو هو.
بيان ۾ پاسدارانِ انقلاب کي خبردار ڪندي چيو ويو ته جيڪڏهن ايران آمريڪي ٻن سامونڊي جهازن تي فائر ڪندو ته ان جي نتيجي ۾ ايران تي وڌيڪ سخت معاشي قيمت لاڳو ڪئي ويندي ۽ ٽن ايراني سامونڊي جهازن کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوجين جي دفاع لاءِ گهربل قدم کڻڻ کان هو پوئتي نه هٽندا ۽ ضرورت پوڻ تي ايران جي محدود ۽ ڪمزور ٽينڪر فليٽ کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
آبنائي هرمز ۾ بحري آمدرفت بابت ايران جي وارننگ
ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي اڳوڻي ڪمانڊر محسن رضائي آبنائي هرمز ۾ بحري آمدرفت بابت به سخت موقف اختيار ڪيو.
هن چيو ته جيڪي سامونڊي جهاز ايران سان رابطو ڪرڻ کانسواءِ پابندين واري علائقي ۾ داخل ٿيندا يا ايران جي مقرر ڪيل ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندا، انهن کي ايران جي پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو.
محسن رضائي موجب اهڙن جهازن کي انشورنس سان لاڳاپيل مسئلن سميت مستقبل ۾ آبنائي هرمز مان گذرڻ ۾ مشڪلاتن ۽ ٻين نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت بابت خدشا پڻ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته عالمي توانائي جي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن تي به صورتحال جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن.