ايلون مسڪ جي ٽرمپ سان وفاداري ٽيسلا ڪمپني کي مھانگي پئجي وئي

فہرستِ مضامین

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)  ٽيسلا (TSLA.O)، جيڪا ڪيترن سالن کان آمريڪا ۾ صارفين جي وفاداري جي لحاظ سان ٻين سڀني وڏين آٽو ڪمپنين تي برتري حاصل ڪندي رهي آھي، پر  گذريل ھڪ سال کان اھا وفاداري سخت متاثر ٿي آهي، ان جو سمورو ذميوارو ھن ڪمپني جي سي اي او ايلون مسڪ کي قرار ڏنو وڃي ٿو، ڇو تھ جڏھن کان ايلون مسڪ آمريڪي صدر ٽرمپ جي حمايت جو اعلان ڪيو ھو، تڏھن کان ھي ڪمپني خساري ۾ وڃي ٿي.

اھڙو انڪشاف اسٽينڊرز اينڊ پوئرز  جي ھڪ رپورٽ ۾ سامھون آيو آھي، ايس اينڊ پي اھو ادارو آھي، جيڪو 50 مختلف رياستن مان گاڏين جي رجسٽريشن جي ڊيٽا گڏ ڪري سڀ کان جامع آٽو انڊسٽري جي ڊيٽا تي تجزيو پيش ڪندو آھي.

برطانوي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب ، اهي انگ اکر، جيڪي اڳ ۾ رپورٽ نه ڪيا ويا هئا، ھاڻ ظاهر ڪن ٿا ته جون 2024 ۾ ٽيسلا جي صارفين جي وفاداري پنهنجي بلند ترين سطح تي هئي، جڏهن 73 سيڪڙو ٽيسلا  گاڏيون رکندڙ خاندانن نئين گاڏي خريدڻ وقت ٻيهر ٽيسلا جي چونڊ ڪئي.

جولاءِ 2024 ۾، جڏهن پينسلوينيا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ان کانپوءِ ايلون مسڪ ٽرمپ جي حمايت جو اعلان ڪيو، ته وفاداري جي اها شرح تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳي. مارچ 2025 تائين اها شرح گهٽجي 49.9 سيڪڙو تي پهتي، جيڪا انڊسٽري جي اوسط کان به گهٽ آهي. اهو ان وقت ٿيو جڏهن مسڪ “ڊيپارٽمينٽ آف گورنمينٽ ايفيشنسي” قائم ڪئي ۽ هزارين سرڪاري ملازمن کي برطرف ڪرڻ شروع ڪيو.

مئي 2025 ۾ وفاداري جي شرح ڪجهه بهتر ٿي ۽ 57.4 سيڪڙو تائين پهتي، جيڪا وري انڊسٽري اوسط کان مٿي آهي ۽ ٽويوٽا جي برابر آهي، پر اڃا به شيورليٽ ۽ فورڊ کان پوٺتي آهي. ايس اينڊ پي جي ھڪ تجزئي نگار موجب هڪ برانڊ جي وفاداري ۾ ايتري تيزي سان گهٽتائي غير معمولي آهي، مون ايترو وڏو لاٿ ايتري مختصر وقت ۾ اڳ ڪڏهن نه ڏٺو آھي.

ٽيسلا ۽ ايلون مسڪ جو تبصري کان انڪار

ان دوران، سومر ڏينهن ٽيسلا ايلون مسڪ کي 96 ملين شيئر (تقريباً 29 ارب ڊالر) ڏيڻ جي منظوري ڏني ته جيئن هو ڪمپني جي قيادت جاري رکي سگهي، ڇو ته عدالت ان جي اڳوڻي معاوضي واري معاهدي کي شيئر هولڊرز سان ناانصافي قرار ڏئي منسوخ ڪيو هو.

آٽو انڊسٽري سان سلھاڙيل تجزئي نگارن جو چوڻ آھي تھ ايلون مسڪ جي سياست ۾ مداخلت انهن صارفين کي مايوس ڪيو، جيڪي ماحولياتي بهتري لاءِ برقي گاڏين کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪڏهن انهن صارفين جون سياسي همدرديون ڊيموڪريٽس سان آهن، ته ممڪن آهي ته هو ٽيسلا بدران ٻين برانڊز ڏانهن رخ ڪن.”

ٽيسلا جا پراڻا ماڊل هاڻي روايتي آٽو ڪمپنين جهڙوڪ جنرل موٽرز، هيوHundai ۽ بي ايم ڊبليو جي اليڪٽرڪ گاڏين سان سخت مقابلي ۾ آهن. 2020 کان پوءِ ٽيسلا صرف هڪ نئون ماڊل (سائبر ٽرڪ) متعارف ڪرايو آهي، جيڪو مسڪ جي وڏين دعوائن جي باوجود ناڪام رهيو آهي.

گاڏين جي وڪري ۾ گھٽتائي

رپورٽ مطابق، ٽيسلا جي مجموعي گاڏين جي عالمي وڪرو گهٽجي رهيو آهي. 2025 جي شروعاتي پنجن مهينن ۾ آمريڪا ۾ گاڏيون 8 سيڪڙو گهٽ وڪرو ٿيون، جڏهن ته يورپ ۾ ڇهن مهينن دوران 33 سيڪڙو گهٽتائي آئي ، جتي مسڪ جي سياسي سرگرمين تي سخت ردعمل ڏٺو ويو آهي. تجزيه نگارن مطابق، مسڪ جون سياسي سرگرميون ٽيسلا لاءِ تمام خراب وقت تي شروع ٿيون، ڇو ته ڪمپني اڳ ۾ ئي چيني EV ڪمپنين ۽ ٻين مخالفن سان سخت مقابلي ۾ هئي.

ٽيسلا اڃا به آمريڪا جي اي وي مارڪيٽ جو برانڊ آهي، پر مسڪ جي سياسي بيانن ۽ ڪمپني جو ڌيان خودڪار ڊرائيونگ ڏانهن هئڻ سبب، ان جي ھڪ ھٽي متاثر ٿي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں