انٽرنيٽ کانسواءِ ھلندڙ واٽس ايپ جھڙي ميسيجنگ ايپليڪيشن متعارف

فہرستِ مضامین

دنيا جيئن تيزي سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رھي آھي، تئين نت نوان تجربا ٿي رھيا آھن، انٽرنيٽ جي رفتار کان پريشان ماڻھن لاءِ خوشخبري آھي تھ  واٽس ايپ جيان ھلندڙ ھڪ اھڙي ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آھي، جيڪا بليوٽوٿ ذريعي  ڪنيڪٽ ٿئي ٿي.

ٽوئٽر موجودھ ( ايڪس) ۽ بلاڪ جـَي شريڪ باني جيڪ ڊورسي بليوٽوٿ تي هلندڙ واٽس ايپ جي متبادل ايپليڪيشن ايپل جي ايپ اسٽور تي باضابطھ طور متعارف ڪرائي ڇڏي آھي.جيڪ ڊورسي موجب، ھن ايپليڪيشن جو مقصد ھڪ اهڙو پيغام رسائڻ وارو پليٽفارم ٺاهڻ هو جيڪو نجي، محفوظ ۽ مڪمل طور تي غير مرڪزي (ڊي سينٽرلائزڊ )هجي.

بٽ چيٽ 100 ميٽرز تائين بليو ٽوٿ ذريعي ڪم ڪري سگھي ٿي

جيڪ ڊورسي سماجي رابطي جي پليٽفارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئٽر) تي هڪ پوسٽ ذريعي ايپ جي رونمائي ڪئي ۽ چيو ته هـِي ايپ بليوٽوٿ ميش نيٽورڪنگ ذريعي 100 ميٽر کان وڌيڪ مفاصلي تائين ڪم ڪري ٿي، جڏهن ته ان جا ڪي بھ مرڪزي سرور موجود ناهن، جنهن جو مطلب آهي ته ڪو به ٽريڪنگ يا ڊيٽا گڏ ڪرڻ وارو نظام ناهي.

جيڪ ڊورسي ھن ايپليڪيشن جو وائيٽ پيپر بھ جاري ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن ايپ جا مڪمل تفصيل ڏنا آھن تھ ھي ايپليڪشن ڪھڙي ريت ڪم ڪري ٿو. جاري ڪيل ايپ جي وائيٽ پيپر مطابق، هي سروس مڪمل طور تي غير مرڪزي ۽ اينڪرپٽ ٿيل آهي، ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ صارف کي نھ ڪنھن اي ميل ايڊريس،  نھ ڪنھن فون نمبر، ۽ نھ ڪنھن اڪائونٽ جي ضرورت ھوندي.

وائيٽ پيپر ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته بِٽ چيٽ اهڙي نجي رابطن جي ضرورت تي ڌيان ڏئي ٿي جيڪا ڪنهن به مرڪزي ڍانچي (انفرااسٽرڪچر) تي ڀاڙيندي نه هجي.

جيڪ ڊورسي موجب ھي ايپليڪشن مڪمل طور تي محفوظ آھي، نجي پيغام پھچائڻ واري ھن پليٽ فارم کي ھڪ مھيني لاءِ بيٽا تي استعمال ڪيو ويو، ھن ايپليڪشن جي خاصيت اھا آھي تھ  جتي اوھان کي انٽرنيٽ يا واءِ فائي جي سھولت ناھي، اتي اوھان ھن ايپليڪيشن جو آساني سان استعمال ڪري سگھو ٿا.

بٽ جيٽ متعارف ڪرائيندڙ ٽوئٽر جو باني جيڪ ڊورسي آھي

بٽ جيٽ پھرين ميسيجنگ ايپليڪشن ناھي، جيڪا بليوٽوٿ ذريعي ھلندي ھجي، ان کان اڳ ھانگ ڪانگ ۾ 2019 ۾ مظاھرن دوران برجفي (bridgefy) ايپليڪشن متعارف ڪرائي وئي ھئي،  جنھن انتھائي مقبوليت ماڻي ھئي، ڇو تھ ان وقت جي حڪومت مظاھرين کي ان ڪري پڪڙي نھ پئي سگھي تھ اھي ھيءَ ايپليڪيشن برجفي استعمال ڪري رھيا ھئا، جيڪا بنا انٽرنيٽ يعني بليوٽوٿ ذريعي ھلي رھي ھئي.

ھانگ ڪانگ ۾ 2019 ۾ مظاھرن دوران (bridgefy) ايپليڪشن متعارف ڪرائي وئي ھئي

واضح رھي تھ ھن واٽس ايپ، سنيپ چيٽ، ٽيليگرام، وي چيٽ، آءِ ايم او سميت ٻيون ڪيتريون ئي ميسيجينگ ايپليڪيشنز آھن پر سڀ کان وڌيڪ مقبول واٽس ايپ آھي، واٽس ايپ 180 ملڪن ۾ استعمال ٿي رھيو آھي، گھٽ ۾ گھٽ 2 ارب رپين کان وڌيڪ ماڻھو واٽس ايپ جو استعمال ڪري رھيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں