لائیو ورلڊ ڪپ فائنل ۾ شڪست کانپوءِ ليونل ميسي ٽيم سان گڏ ارجنٽينا ڇو نه ويو؟ سبب سامهون اچي ويو

فہرستِ مضامین

بيونس آئرس:(انٽرنيشنل اسپورٽس ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل ۾ اسپين هٿان اضافي وقت ۾ 1-0 جي شڪست کانپوءِ ارجنٽينا جي قومي فٽبال ٽيم وطن واپس پهتي، جتي هزارين مداحن رانديگرن جو شاندار استقبال ڪيو. ايئرپورٽ تي ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو، فوجي بينڊ وڄايو ويو ۽ قومي فٽبال ايسوسيئيشن جي هيڊڪوارٽر ٻاهران مداحن وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا. بهرحال، ٽيم جي ڪپتان ليونل ميسي وفد سان گڏ ارجنٽينا واپس نه آيو.

بين الاقوامي ميڊيا موجب ارجنٽينا فٽبال ايسوسيئيشن اڳواٽ ئي اعلان ڪيو هو ته ڪجهه رانديگر سرڪاري وفد سان سفر نه ڪندا، جن ۾ ليونل ميسي پڻ شامل هو.

رپورٽن مطابق ميسي ورلڊ ڪپ فائنل کانپوءِ آمريڪا ۾ ئي ترسڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن هو پنهنجي ڪلب انٽر ميامي جي نئين سيزن جي تيارين سان گڏ جسماني ۽ ذهني بحالي تي ڌيان ڏئي سگهي. انٽر ميامي جو پهريون ميچ 23 جولاءِ تي شيڊيول ٿيل هجڻ سبب ميسي لاءِ جلد ڪلب سان گڏجڻ ضروري هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ميسي بعد ۾ نجي جهاز ذريعي ارجنٽينا پهتو، جتي هن پنهنجي خاندان ۽ ويجهن ماڻهن سان ڪجهه وقت گذاريو. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته هو جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي شروعات ۾ ٻيهر آمريڪا وڃي انٽر ميامي سان ميجر ليگ ساڪر جي جاري سيزن ۾ شرڪت ڪندو.

ٻئي طرف ارجنٽينا جي قومي ٽيم کي سخت سيڪيورٽي هيٺ بس ذريعي ليونل اينڊريس ميسي ٽريننگ سينٽر منتقل ڪيو ويو. سڄي رستي تي مداحن قومي جهنڊا، ڊهول ۽ نعرن سان رانديگرن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

واضح رهي ته ارجنٽينا فائنل تائين بهترين راند پيش ڪئي، پر اضافي وقت ۾ اسپين هڪ واحد گول ڪري ميچ کٽي ورتي. شڪست کانپوءِ ليونل ميسي پنهنجي جذباتي بيان ۾ چيو هو ته “هي زخم ڀرڻ ۾ وقت لڳندو، پر اسان پنهنجي مداحن جي محبت ۽ حمايت جا هميشه ٿورائتا رهنداسين.”

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں