لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ هاءِ الرٽ، برساتي پاڻي نيڪال جو حڪم

فہرستِ مضامین

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز مون سون برساتن کي نظر ۾ رکندي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

وڏي وزير سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي مون سون برساتن جي صورتحال جي ويجهي نگراني ڪرڻ ۽ برساتي پاڻي جي بروقت نيڪال لاءِ واسا جي مشينري جي مڪمل دستيابي کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

مريم نواز چيو ته عوام کي مشڪلاتن ۽ پريشانين کان بچائڻ لاءِ ڪنهن به هنڌ برساتي پاڻي بيهڻ نه ڏنو وڃي. سندس چوڻ هو ته مون سون برساتن سبب عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جو مڪمل احساس آهي ۽ انهن جي فوري ازالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته لاهور سميت پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال بابت ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں