اسلام آباد: (بيورورپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي هڪ تازي بيان تي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ بحث ڇڙي وئي آهي. مخالف ڌرين الزام هنيو ته مولانا پنهنجي خطاب ۾ عوام کي ”لشڪر“ بڻجڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان انهن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سندن بيان کي غلط معنيٰ ڏني پئي وڃي ۽ عوام کي هٿياربند ڪرڻ يا لشڪر بڻائڻ جو ڪو به پيغام نه ڏنو ويو آهي.
مولانا فضل الرحمان وضاحت ڪندي چيو ته هو رڳو اهو چئي رهيو آهي ته ملڪ جي عوام کي پنهنجي آئين، جمهوريت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پرامن ۽ منظم جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سندن چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جي غيرقانوني يا هٿياربند ڪارروائي جي هو حمايت نٿو ڪري ۽ نه ئي اهڙي ڪا اپيل ڪئي وئي آهي.
سندن بيان کان پوءِ حڪومتي ۽ مخالف سياسي اڳواڻن مختلف ردعمل ظاهر ڪيا. ڪجهه اڳواڻن چيو ته موجوده حساس حالتن ۾ اهڙن بيانن سان غلط تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته مولانا جي تقرير کي غلط رنگ ڏئي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.
سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي موجوده سياسي ڇڪتاڻ سبب اڳواڻن جي بيانن کي مختلف انداز سان ورتو وڃي ٿو، تنهنڪري ذميواراڻي ٻولي استعمال ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ڪنهن به قسم جي غلط فهمي يا انتشار کي هٿي نه ملي.
مولانا فضل الرحمان زور ڀريو ته سندن جماعت جمهوري، آئيني ۽ پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ ملڪ جي مسئلن جو حل به آئين ۽ قانون جي دائري اندر ئي ممڪن آهي.