اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ سينيئر سول جج عباس شاهه سهيل آفريدي خلاف رياستي ادارن تي الزام لڳائڻ ۽ انهن جي ساک متاثر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت سهيل آفريدي جي غيرحاضري تي برهمي ظاهر ڪندي سندس ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
سينيئر سول جج چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي به سهيل آفريدي پيش نه ٿيو ته کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.