نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 24 جولاءِ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ امڪاني ٻوڏ، تيز وهڪرن ۽ لينڊ سلائيڊنگ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب دريائن، مقامي ندي نالن ۽ جبلن مان وهندڙ برساتي وهڪرن ۾ اوچتو ٻوڏ اچڻ ۽ پاڻي جي سطح ۾ نمايان واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
گلگت بلتستان جي ضلعن هنزه، شگر ۽ گانڇي ۾ شمشال، هنزه، چپورسن، ڪليڪ، شگر، شيوڪ ۽ هُشي دريائن ۾ اوچتن ٻوڏي ريلن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ درياءِ جهلم، درياءِ نيلم، درياءِ پونڇ، درياءِ محل، بيٽار نالو، ڀمبر نالو، کانشي درياءَ ۽ ٻين لاڳاپيل ندي نالن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو خدشو آهي.
خيبر پختونخوا ۾ درياءِ چترال، ڪابل، سوات، پنجڪوڙا ۽ ٻين مقامي ندي نالن سان گڏ خيبر، ڪرم، اورڪزئي، ڪوهاٽ، بنون، ڪرڪ، هنگو، لڪي مروت، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان، باجوڙ، مهمند، مانسهره، بونير ۽ صوابي جي علائقن ۾ به ٻوڏي ريلن جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي.
پنجاب ۾ ڊي جي خان جي جبلائي برساتي نالن، درياءِ سواں، پوٺوهار ريجن ۽ اتر اوڀر بلوچستان جي ندي نالن ۽ دريائن ۾ پڻ چاڙهه اچڻ جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب درياءِ چناب (مراله) ۽ درياءِ جهلم (منگلا جي مٿئين علائقن) ۾ وچولي کان مٿانهين درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊورا، ڊوٽا، ڊواره، ڀمبر، هلسي، ايڪ، پلکهو، بين، بسنتر، ڊيڪ ۽ سکهي نالن ۾ به پاڻي جي سطح اوچتو وڌڻ جو خدشو آهي.
اداري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جي ٿين، پونگ ۽ ڀاکڙا ڊيمن مان وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ويو ته درياءِ راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو.
اين ڊي ايم اي شهرين کي احتياط ڪرڻ، غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ مقامي انتظاميا جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.