ورلڊ ڪپ 2026ع جي پڄاڻي کانپوءِ فيفا عالمي فٽبال ٽيمن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب نئين عالمي چيمپيئن اسپين ارجنٽينا کي پوئتي ڇڏي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
فيفا جي جاري ڪيل رينڪنگ موجب اسپين هڪ درجو ترقي ڪري دنيا جي نمبر ون ٽيم بڻجي وئي، جڏهن ته ارجنٽينا هڪ درجو هيٺ لهي ٻي پوزيشن تي هلي وئي آهي.
رينڪنگ مطابق فرانس ٽئين ۽ انگلينڊ چوٿين نمبر تي برقرار آهن، جڏهن ته برازيل ۽ مراڪش هڪ، هڪ درجو ترقي ڪري ترتيبوار پنجين ۽ ڇهين پوزيشن تي اچي ويا آهن.
پرتگال ٻن درجن جي تنزلي کانپوءِ ستين نمبر تي هلي وئي، جڏهن ته ميڪسيڪو ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي سبب چار درجا ترقي ڪري ٽاپ ٽين ٽيمن ۾ شامل ٿي وئي آهي.
فيفا جي نئين درجابندي موجب ناروي سڀ کان وڏي اڳڀرائي ڪندي 12 درجا ٽپي 19هين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.