ڪراچي:( خاص رپورٽ) پاڪستان جي فري لانسرز ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي مالي سال 2025-26 دوران 1.76 ارب آمريڪي ڊالر جو زرِ مبادله ملڪ ۾ آندو آهي، جيڪو هن شعبي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي آمدني قرار ڏنو پيو وڃي.
پاڪستان فري لانسرز ايسوسيئيشن (PEFLA) جي چيئرمين ابراهيم امين فري لانسر نوجوانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هنن سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي قابليت، محنت ۽ جديد مهارتن ذريعي نه رڳو پنهنجو روزگار پيدا ڪيو، پر ملڪ لاءِ به قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي اهم خدمت سرانجام ڏني آهي.
هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته 30 جون 2026ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران فري لانسرز جي آمدني 1.76 ارب ڊالر تائين پهتي، جڏهن ته گذريل مالي سال 2024-25 ۾ اها آمدني 984 ملين ڊالر هئي. اهڙي طرح صرف هڪ سال اندر فري لانسرز جي ڪمائي ۾ لڳ ڀڳ 78 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ابراهيم امين موجب هن وقت پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 30 لک مڪمل وقت ۽ جزوقتي فري لانسر مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن ۾ گرافڪ ڊيزائن، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ، ويب ڊيزائن، مواد نويسي، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويڊيو ايڊيٽنگ، مصنوعي ذهانت (AI)، ورچوئل اسسٽنس ۽ ٻين آن لائين خدمتن جا ماهر شامل آهن.
هن چيو ته پاڪستان هاڻي دنيا جي چوٿين وڏي فري لانسنگ افرادي قوت رکندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جيڪو ملڪ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۽ ڊجيٽل معيشت جي تيزي سان ترقي جو واضح ثبوت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته فري لانسرز جي ڪمائي ملڪ جي معاشي اشاريَن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي نه رڳو قيمتي زرِ مبادله ملڪ ۾ آڻي رهيا آهن، پر مختلف ٽيڪسن جي ادائيگي ذريعي قومي معيشت ۾ به نمايان حصو وجهي رهيا آهن.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت تيز رفتار انٽرنيٽ، جديد ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، آن لائين ادائيگين جي سهولتن، عالمي فري لانسنگ پليٽ فارمن تائين آسان رسائي ۽ نوجوانن لاءِ فني تربيت جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري، ته پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ فري لانسنگ جي شعبي مان اربين ڊالر وڌيڪ ڪمائي سگهي ٿو.
ماهرن جو اهو به خيال آهي ته فري لانسنگ پاڪستان جي برآمداتي معيشت جو هڪ اهم ستون بڻجي رهي آهي، جنهن جي آمدني ڪيترن روايتي برآمداتي شعبن سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هي شعبو ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ نوجوانن کي معاشي طور خودمختيار بڻائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.