اسلام آباد / بيجنگ: (خاص رپورٽ) پاڪستان جي سينيٽر مشاهد حسين سيد چين جي گاديءَ واري شهر بيجنگ ۾ سنگهوا يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ٿيل ورلڊ پيس فورم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو گلوبل سائوٿ (ترقي پذير ملڪن) مان هڪ نئون عالمي نظام اڀري، ڇاڪاڻتہ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ مغربي ملڪن جي قيادت هيٺ قائم ٿيل عالمي نظام ٻٽي معيار تي ٻڌل رهيو آهي ۽ اهو نه انصاف تي ٻڌل هو ۽ نه ئي حقيقي عالمي اصولن تي.
ورلڊ پيس فورم جي افتتاحي اجلاس کي چين جي نائب صدر هان ژينگ خطاب ڪيو، جنهن کان پوءِ مشاهد حسين سيد تقريب ۾ موجود لڳ ڀڳ 30 ملڪن جي 100 کان وڌيڪ عالمي مهمانن آڏو پنهنجو اهم خطاب ڪيو. فورم ۾ انڊونيشيا ۽ سربيا جي اڳوڻن پرڏيهي وزيرن سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سفارتڪارن، ماهرن ۽ پاليسي سازن شرڪت ڪئي.
مشاهد حسين چيو ته دنيا تيزي سان گهڻ رخي (Multipolar) نظام ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن جو ڪردار وڌي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي امن، انصاف ۽ گڏيل ترقي لاءِ ضروري آهي ته عالمي فيصلا صرف چند وڏين طاقتن بدران سڀني ملڪن جي برابري ۽ احترام جي بنياد تي ڪيا وڃن.
هن پاڪستان جي فعال سفارتڪاري جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. چيني ميزبانن به پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي واڌاري لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو.
مشاهد حسين پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته 2026ع ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جو سال آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هڪ منفرد ۽ مثالي شراڪتداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جنهن کي دنيا “آئرن برادرز” (لوهي ڀائر) جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2026ع کان 2030ع تائين جو اسٽريٽجڪ ورڪ پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد اقتصادي، واپاري، دفاعي، سائنسي، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ آهي.
مشاهد حسين زور ڀريو ته موجوده عالمي حالتن ۾ ترقي پذير ملڪن کي گڏجي هڪ اهڙو عالمي نظام جوڙڻ گهرجي، جيڪو انصاف، برابري، گڏيل مفادن ۽ عالمي امن جي اصولن تي ٻڌل هجي، جيئن دنيا کي وڌيڪ مستحڪم ۽ پرامن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي سگهجي.