نئين دهلي:(انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور سماجي ڪارڪن، ماحولياتي ماهر ۽ تعليمي سڌارن جي حامي سونم وانگچڪ کي 20 ڏينهن کان وڌيڪ جاري رهندڙ بک هڙتال دوران صحت خراب ٿيڻ سبب پوليس زبردستي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي سفارش ۽ عدالتي هدايتن موجب سندس حياتي بچائڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو، جڏهن ته وانگچڪ ۽ سندس ساٿين ان عمل کي سندس مرضي خلاف قرار ڏنو آهي.
سونم وانگچڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاجي بک هڙتال تي ويٺو هو. سندس حامين جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مطالبن تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن خبردار ڪيو ته ڊگهي بک هڙتال سبب سندس جسم ۾ پاڻي ۽ معدنيات جي شديد کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.
واقعي کان پوءِ دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت حڪومت کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ضروري هجي ته وانگچڪ کي وڌيڪ بهتر علاج لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. مرڪزي حڪومت به عدالت آڏو اهڙي منتقلي تي اعتراض نه ڪيو، البته علاج جاري رکڻ تي زور ڏنو.
سونم وانگچڪ جي حامين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو موقف آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو بنيادي حق آهي، جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به احتجاج ڪندڙ جي حياتي بچائڻ رياست جي ذميواري آهي، تنهنڪري طبي ماهرن جي صلاح تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سونم وانگچڪ لداخ سان تعلق رکندڙ مشهور انجنيئر، ماحولياتي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن آهي، جيڪو تعليمي سڌارن، ماحولياتي تحفظ ۽ عوامي مسئلن تي پنهنجي مهمن سبب عالمي سڃاڻپ رکي ٿو. سندس موجوده احتجاج به سڄي ڀارت ۾ وڏي سياسي ۽ سماجي بحث جو سبب بڻيل آهي.