پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن جي واپسي جي آخري مدي جي پڄاڻي، سنڌ۾ افغانين جو وڏو انگ موجود

فہرستِ مضامین

پشاور/ڪراچي /حيدرآباد ( نمائندن وٽان) پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين ۽ ڪجهه قسمن جي افغان پناهگيرن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل آخري مدي جي پڄاڻي کان پوءِ خيبر پختونخوا، خاص ڪري پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ڪيترن هنڌن تي ڇاپا هڻي غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي حراست ۾ وٺي افغانستان واپس موڪلڻ جو عمل جاري آهي.

پشاور جي واپاري برادري ان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهر جي واپار، خاص طور هول سيل مارڪيٽن، خشڪ ميون، قالين، ڪپڙي، ٽرانسپورٽ ۽ سرحدي واپار ۾ افغان واپارين جو اهم ڪردار رهيو آهي. سندن اوچتي روانگي سبب ڪاروباري سرگرمين ۾ گهٽتائي، مزدورن جي کوٽ ۽ واپاري نقصان جا خدشا پيدا ٿي رهيا آهن.

پاڪستاني حڪومت جو موقف آهي ته ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف مهم قومي سلامتي، قانون جي عملداري ۽ اميگريشن پاليسي تحت هلائي پئي وڃي. حڪومت جو چوڻ آهي ته قانوني دستاويزن وارن پناهگيرن لاءِ الڳ پاليسيون موجود آهن، جڏهن ته غير قانوني رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪلڻ جو فيصلو برقرار رهندو.

اقوام متحده جي اداري يو اين ايڇ سي آر ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته واپسي جو عمل انساني وقار، بين الاقوامي قانونن ۽ رضاڪاراڻي اصولن موجب يقيني بڻايو وڃي، خاص ڪري عورتن، ٻارن ۽ ٻين ڪمزور طبقن جي تحفظ کي نظر ۾ رکيو وڃي.

هوڏانهن حڪومتي اعلان باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ غيرقانوني افغان پناهگيرن خلاف حڪومتي سطح تي ڪا وڏي ڪاروائي نظر نه ٿي اچي .سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ,حيدرآباد ,سکر ,نواب شاھ ,ميرپورخاص ,جيڪب آباد ,گهوٽڪي ,ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ,سانگهڙ ,ٿرپارڪر ۽ ٻين شهرن مان ورتل رپورٽن موجب انهن شهرن ۾ غيرقانوني افغانين جو وڏو انگ موجود آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں