ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران هن وقت آمريڪا سان مڪمل جنگ واري صورتحال ۾ آهي، تنهن ڪري سڀني کي حقيقت پسند ٿي حالتن کي سمجهڻو ۽ مزاحمت جي فطري نتيجن کي قبول ڪرڻو پوندو.
ايراني صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا سان ٿيل مفاهمتي يادداشت ۾ ايران جي قومي مفادن کي ترجيح ڏني وئي آهي ۽ ان جي 14 شقن مان ڪا به اهڙي شق شامل ناهي، جيڪا رڳو آمريڪا جي هڪ طرفي فائدي لاءِ هجي.
هوڏانهن ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو ته ايران آمريڪا جي حڪمت عملين ۽ چالن کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا هڪ طرف خطي ۾ نئون فوجي سازوسامان آڻي رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف جنگ روڪڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
باقر قاليباف وڌيڪ چيو ته آمريڪا اهو سمجهي رهيو آهي ته ايران جي سمجهه محدود آهي، پر ايران هر صورتحال کي سمجهڻ ۽ ان جو مناسب جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.